چرچ مشنري سوسائٽي سنڌ

چرچ مشنري سوسائٽي، سنڌ: هيءَ سوسائٽي 19 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري انگريزن جي دور ۾، ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي، جيڪا ان وقت جي مشهور اشاعتي اداري ’چرچ مشنري سوسائٽيءَ‘ جي هڪ شاخ هئي. هن سوسائٽيءَ سنڌي علم ادب بابت ڪتاب ڇپايا، سنڌي اسڪول کوليا ۽ عيسائي مذهب جي واڌاري لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇپايا. هن سوسائٽيءَ ۾ سنڌ جي مسلمانن، هندن ۽ سکن کي سکيا ڏيڻ لاءِ عربي، ديوناگري ۽ گرمکي لپين ۾ ڪتاب ڇاپي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ڪيا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ڪتابن جو اضافو ٿيو. سنڌ ۾ آيل پادرين مان ڪي محقق ۽ اديب به هئا، جن جي هن سوسائٽيءَ ذريعي ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگھجن. انهن ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جارج شرٽ ۽ جي. اي. گريئرسن قابلِ ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو